ڪنڌڪوٽ: ڪنڌڪوٽ جي تعليم کاتي ۾ جعلي ڀرتين ذريعي ڪروڙين رپيا ڪرپشن جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن جي جاچ ڪاغذي ڪارروائي تائين محدود ٿي وئي. پنهنجي اخبار کي مليل ڄاڻ موجب ڪامورن 115 جعلي ڀرتيون ڪري 2012 کان 2015ع تائين پگهارن جي مد ۾ 17 ڪروڙ ڪرپشن ڪئي. اينٽي ڪرپشن پاران مليل رپورٽ موجب، اڳوڻو پرنسپل ايجوڪيشن عبدالرحيم بهلڪاڻي آفيسرن کي پئسا ڏئي 115 جعلي ڀرتيون ڪرايون، جڏهن ته جعلي ملازمن جي نالي تي ماهور 25 هزار پگهار به مقرر ٿي، جيڪو ٽن سالن تائين جاري رهيو. ذريعن موجب ڪيس ۾ ڄاڻائي ڪاموري استاد، چوڪيدار، پٽيوالا ۽ ٻين پوسٽن تي 115 ڄڻن کي ڀرتي ڪرائي ڪوڙيون آءِ ڊيز ٺهرائي پئسا ڪڍرائيندو رهيو. اينٽي ڪرپشن موجب جعلي ڀرتين جو اڳوڻو پرنسپل اسپيشل ايجوڪيشن ڪشمور ڪنڌڪوٽ عبدالرحيم بهلڪاڻي، سيڪشن آفيسر ڪراچي ڊاڪٽر ڪشور ڪمار، سيڪشن آفيسر ڪراچي ناز پروين، اڳوڻو ميڊيڪل آفيسر ڪنڌڪوٽ هيرالدين گجراڻي، ايم ايس ڪنڌڪوٽ سول اسپتال نظير احمد اعواڻ ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
