حيدرآباد: سال 2018ع دوران جنسي زيادتي جا مجموعي طور 195 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 89 ڪيس اجتماعي زيادتي ۽ 106 جنسي زياتي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، مجموعي طور 45 عورتون، 7 مرد ۽ 143 ٻار جنسي زيادتي ۽ اجتماعي زيادتي جو شڪار ٿيا. ايڇ آر سي پي جي انگن اکرن موجب ڪراچي کانسواءِ ٻهراڙي سنڌ ۾ جنوري دوران اجتماعي زيادتي جا 9 واقعا ۽ جنسي زيادتي جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا، جن ۾ 4 عورتون ٻه مرد ۽ 12 ٻار جنسي زيادتي جو نشانو بڻيا، اهڙي ريت فيبروري ۾ گينگ ريپ جا 7 ۽ ريپ جا 7 ڪيس رپورٽ ٿيا، هن مهيني دوران صرف ٻار ئي جنسي زيادتي جو نشانو بڻيا، اهو انگ 14 آهي، مارچ ۾ گينگ ريپ جا 12 ۽ ريپ جا 8 ڪيس ٿيا، 3 عورتون هڪ مرد ۽ 16 ٻار متاثر ٿيا، اپريل ۾ گينگ ريپ جا 10 ۽ ريپ جا 18 ڪيس سامهون آيا، 7 عورتون هڪ مرد ۽ 20 نشانو بڻيا، مئي ۾ گينگ ريپ جا 2 ۽ ريپ جا 14 ڪيس ظاهر ٿيا، مجموعي طور 16 جنسي زيادتي جو نشانو بڻيا، جن ۾ 4 عورتون ۽ هڪ مرد سميت 11 ٻار شامل هئا، جون دوران گينگ ريپ جا 6 ۽ ريپ جا 16، جولاءِ دوران گينگ ريپ جا 5 ۽ ريپ جا 4، آگسٽ دوران گينگ ريپ جا 16 ۽ ريپ جا 10، سيپٽمبر دوران گينگ ريپ جا 9 ۽ ريپ جا 7، آڪٽوبر دوران گينگ جا 8 ۽ ريپ جا 6، نومبر دوران گينگ ريپ ۽ ريپ جا 4-4 ۽ ڊسمبر دوران گينگ جو هڪ ۽ ريپ جا ٽي ڪيس رپورٽ ٿيا. زيادتي جو شڪار ٿيلن ۾ هڪ خواجا سراءِ به شامل آهي.