
جيڪب آباد (اسپورٽس نيوز) جيڪب آباد جي ڳوٺ عبدالعزيز خاراني جي رانديگرن فٽبال گرائونڊ تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي ڊي سي چوڪ پھتا، جتي رانديگرن ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ جي رواني معطل ٿي وئي. ان موقعي تي رانديگرن ڊي سي جيڪب آباد خلاف نعري بازي ڪئي. ڊي سي چوڪ تي رانديگرن انوکو احتجاج ڪندي فٽبال راند جو مظاهرو پڻ ڪيو. ان موقعي تي رانديگرن احتجاج ڪندي چيو ته بااثر ماڻهو فٽبال گرائونڊ تي قبضو ڪري رھيا آھن پر ضلعي انتظاميا اگھور ننڊ ۾ پيل آهي. هنن چيو ته ڊي سي جيڪب آباد نوٽس وٺڻ لاءِ تيار ناهي. رانديگرن مطالبو ڪيو ته فٽبال گرائونڊ تان قبضو ختم ڪرائي سڀ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ هو احتجاجي تحريڪ هلائيندا.