
نئون ديرو (رپورٽر) پيپلزپارٽي آصف زرداري کي گرفتار ڪرڻ جي صورت ۾ خراب نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي، سي اِي سي اجلاس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ کي به ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو، پيپلزپارٽي اڳواڻن چيو آهي ته انتقام جا خراب نتيجا نڪرندا، ڪجهه ادارا آئيني حدون اورانگهي رهيا رهيا آهن، نئون ديرو هائوس تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري جي گڏيل صدارت هيٺ پ پ جي سي اِي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ سميت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي امڪاني گرفتاري کانپوءِ جي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾جي آءِ ٽي رپورٽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏيندي قانوني رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فرحت الله بابر چيو ته جي آءِ ٽي رپورٽ بابت قانوني رستو اختيار ڪيو ويندو، ڪجهه ادارا پنهنجون آئيني حدون اورانگهي رهيا آهن، انتقامي ڪاررواين جا خراب نتيجا نڪرندا، پ پ اڳواڻ ڌمڪي ڏيندي چيو ته اسان حڪومت ۽ سمورن ادارن کي خبردار ڪري رهيا آهيون، آصف زرداري کي گرفتار ڪيو ويو ته نتيجا سٺا نه نڪرندا ۽ ان جي ذميوار حڪومت هوندي، هن چيو ته ارڙهين ترميم کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، لڳي ٿو ته ملڪ صدارتي نظام طرف وڌي رهيوآهي، ادارن جو احترام ڪريون ٿا، ڪنهن سان جهيڙو نٿا ڪريون، ان موقعي قمرالزمان ڪائرا جو چوڻ هو ته پ پ ادارن سان ٽڪراءَ جي پاليسي تي يقين نٿي رکي، رڳو ادارن جي آئيني حدن جي ڳالهه ڪريون ٿا، تاثر ڏنو پيو وڃي ته جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ سڀ سچ آهي، حڪومت اپوزيشن خلاف انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، عمران خان ته سڀني کي جيل ۾ وجهڻ چاهي ٿو، شيري الرحمان ڳالهائيندي چيو ته احتساب کان انڪار ناهي، انتقام برداشت نه ڪنداسين، اجلاس ۾ شهيد بينظير ڀٽو کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آصفه ڀٽو زرداري، بختاور ڀٽو زرداري، راجا پرويز اشرف، يوسف رضا گيلاني، نيئر بخاري، لطيف کوسا ۽ ٻين اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.