
حيدرآباد(ن پ ا)ھلندڙ سال 2018 ۾ شھر جي مختلف علائقن مان 95 لاوارث لاش مليا جن مان 12 لاش تازو ڄاول ٻارن جا ھئا. ايڌي سينٽر موجب ھلندڙ سال شھر ۾ مختلف حادثن ۾ 145 ماڻھو فوت ٿيا جڏھن تھ زخمين جو تعداد 335 رھيو. معراج ايڌي موجب حيدرآباد مان پنھنجن جي ھٿان بي گھر ٿيل 39 عورتن کي ايڌي ھوم ڪراچي پھچايو ويو جڏھن تھ شھر جي مختلف رستن تي لاوارث پيل 83 بيمارن کي ايڌي ھوم منتقل ڪيو ويو.سال دوران شھر جي مختلف علائقن مان 10 خودڪشي ڪندڙن کي اسپتال پھچايو ويو، ٻي طرف 21 لاشن کي غسل ڪفن ڏئي وارثن حوالي پڻ ڪيو ويو. معراج ايڌي موجب سال 2018 ۾ مجموعي طور تي 24 ھزار مريضن ۽ لاشن کي اسپتال کان گھر ۽ گھر کان اسپتال رسايو ويو.