حيدرآباد(ن پ ا) 16 ڊسمبر تي مردہ حالت ۾ مليل 10 سالن جي پرڪاش سوچي جا قاتل پوليس گرفتار نھ ڪري سگھي. 4 ڊسمبر تي گم ٿيل پرڪاش جو 16 ڊسمبر تي جي او آر ڪالوني مان تشدد ٿيل ۽ ھٿ ٻڌيل لاش مليو ھو. جنھن جو 6 ڏينھن کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو ھو.3 ايس ايڇ اوز تي ٻڌل جاچ ڪاميٽي بھ ڪو ٻوٽو ٻاري نھ سگھي. پرڪاش جي قتل کانپوءِ ريلوي اسٽيشن تي خيرات گھرندڙ ننڍي عمر جي پينو فقير ٻارڙن ۾ سخت خوف آھي. پرڪاش جي مائٽن پاران ڪنھن تي بھ شڪ ظاھر نھ ڪيو ويو ھو. پرڪاش جي ڀاءُ راج سوچي جو چوڻ آھي تھ اسان کي ڪنھن تي بھ شڪ ڪونھي پوليس قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪري.