حيدرآباد(رپورٽ: فقير سليم) حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي ٽٽل روڊ رستن سبب حادثا معمول بڻيل، هڪ سال دوران حادثن 145 ماڻهن جي حياتي کسي ورتي، هلندڙ سال 2018ع ۾ حيدرآباد ۽ ان جي آسپاس ٿيل روڊ حادثن سبب فوتين جو انگ 145 ۽ زخمين جو تعداد 335
آهي، ايڌي حيدرآباد جي انچارج معراج پاران جاري ڪيل سالياني انگن اکرن موجب شھر جي مختلف علائقن مان 95 لاوارث لاش مليا جن مان 12 لاش تازو ڄاول ٻارن جا ھئا. ايڌي سينٽر موجب ھلندڙ سال شھر ۾ مختلف حادثن ۾ 145 ماڻھو فوت ٿيا جڏھن ته زخمين جو تعداد 335 رھيو. معراج ايڌي موجب حيدرآباد مان پنھنجن جي ھٿان بي روي ۽ بي گھر ٿيل 39 عورتن کي ايڌي ھوم ڪراچي پھچايو ويو، جن ۾ اڪثريت پيرسن عورتن جي آهي، جڏھن ته شھر جي مختلف رستن تي لاوارث پيل 83 بيمارن کي ايڌي ھوم منتقل ڪيو ويو.سال دوران شھر جي مختلف علائقن مان 10 خودڪشي ڪندڙن کي اسپتال پھچايو ويو، ٻي طرف 21 لاشن کي غسل ڪفن ڏئي وارثن حوالي پڻ ڪيو ويو. معراج ايڌي موجب سال 2018 ۾ مجموعي طور تي 24 ھزار مريضن ۽ لاشن کي اسپتال کان گھر ۽ گھر کان اسپتال رسايو.