fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

حيدرآباد ۾ جامني بازار ميلو شروع، هٿ جي هنرن جا اسٽال لڳي ويا: سرن جي ورکا

عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم پاران هٿ جي هنرن ۽ ديسي کاڌن کي هٿي ڏيارڻ لاءِ سنڌ ميوزم ۾ ميلو لڳايو ويو

ٻهراڙين جي عورتن کي مردن جي برابر آڻڻ لاءِ کين معاشي طور سگهارو ڪرڻ ضروري آهي: تنزيلا قمبراڻي ۽ رحيمه پنهور

حيدرآباد(رپورٽ: فقير سليم) حيدرآباد ۾ ٻن ڏينهن وارو عورتن جو جامني بازار ثقافتي ميلو شروع ٿي ويو. ٻهراڙي جي عورتن جي هٿ جي هنرن، ٻهراڙي جي کاڌن ۽ ثقافتي ڪپڙن توڙين ٻين شين جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ٻهراڙي جي عورتن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم پاران مينا بازار طرز تي جامني بازار ثقافتي ميلو سنڌ ميوزيم ۾ لڳايو ويو آهي. ميلي ۾ مختلف شين جا اسٽال لڳايا ويا هئا، رلين، ثقافتي ويس وڳن ۽ هٿ جي ٺهيل شين جي لڳايل اسٽالن تي ٻهراڙي جون عورتون ويٺل هيون، جيڪي پنهنجون ٺاهيل شيون وڪرو ڪري رهيون، ميلي ۾ آيل ماڻهو مختلف اسٽالن تان خريداري پڻ ڪندا رهيا. ميلي ۾ ٻهراڙي جي عورتن پاران ديسي کاڌن جي هڪ هوٽل به لڳائي وئي، جتي ساڳ ۽ چانورن جي ماني ملي رهي هئي. ميلي ۾ آيل ماڻهو ساڳ ۽ چانورن جي ماني وڏي شوق سان کائيندا رهيا. ميلي ۾ لوڪ گيت ۽ ڳيچ پڻ ڳايا ويا، جڏهن ته مختلف فنڪارن پاران سرن جي ورکا ڪئي وئي، ٻهراڙي توڙي شهر مان شرڪت ڪندڙ ٻارڙا لوڪ گيتن تي جهومندا رهيا. ميلي ۾ حيدرآباد ۽ ڀرپاسي جي شهرن جي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. منفرد انداز سان ڪرايل هن ثقافتي ميلي ۾ ٻهراڙي جي عورتن جو وڏو انگ شريڪ ٿيو. ميلي ۾ شريڪ پيپزپارٽي جي ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي، سماجي اڳواڻ رحيمه پنهور، شرڪت گاهه جي ڊائريڪٽر هميرا شيخ، تنزيلا انصاري، نزهت شيرين، زيب النساءِ ملاح، رافعه بنگش، فوزيه اشرف، ثقافتي کاتي جي عائشه ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته هن ميلي جو مقصد ٻهراڙي جي عورتن جي هٿ جي هنر کي هٿي وٺرائڻ، ۽ ٻهراڙي جي کاڌن پيتن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سميت عورتن کي معاشي لحاظ سان پاڻ ڀرو ڪرڻ آهي، هي ميلو ٻين ميلن کان منفرد آهي. هنن چيو ته ٻهراڙي جي عورتن کي معاشي لحاظ سان طاقتور ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته سندن هٿ جي هنر کي هٿي وٺرائي ان کي ڪاروبار جي شڪل ڏياري وڃي. هنن چيو ته عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي تنظيمون چاهين ٿيون ته عورتن کي برابري جا حق ملن ۽ هر ميدان ۾ عورتون مردن سان گڏ هلي سگهن.

Bookmark the permalink.