خانپورمھــر ( رپورٽ: شادمحمد مھر) خانڳڙهه تعلقي کي 24 سالن کان بنيادي سهولتون نه ملي سگھيون آهن، جڏهن ته ڪيترائي کاتا بنا آفيسن جي هلندڙ آهن. ان سلسلي ۾ گھوٽڪــي ضلعي جو تعلقو خانڳڙھ جنھن کي تعلقي جو درجو ملي 24 سالن جو عرصو گذري ويو پر تعلقي خانڳڙھ جو عوام بنيادي سھولتن کان محروم بڻيل آھي 150 لک کان وڌيڪ جي آبادي تي مشتمل تعلقي خانڳڙہ م ڪيترن ئی سرڪاري کاتن جي آفيسن جو نالو نشان ئي ناھي،تنھن ڪري ڪامورا بہ ڳوليا ڪون ٿا ملن، مختيارڪار ء ھڪ اسڪولي بلڊنگ م عارضي آفيس قائم ڪري ويٺل تعلقي ايجوڪيشن آفيسر کان سواء ٻين کاتن جا ڪامورا تعلقي م ڪٿي بہ نظر نٿان اچن تعلقي اندر مختلف کاتن جون آفيسون نہ ھجڻ ڪري عوام ڪمن ڪارن لاء دربدر چڪر ڪاٽيندي نظر ايندو رھي ٿو سرڪاري کاتن جون آفيسون جن م روڊس کاتو،انجنيئرنگ آفيس، ايريگيشن،لائیواسٽاڪ،سوشل ويلفيئر،زراعت،پبلڪ ھيلٿ جي آفيس اسسٽنٽ ڪمشنر ء ڊي ايس پي آفيس سميت ٻيون شامل آھن تعلقي جي پوسٽن تي مقرر ڪامورا پنھنجون عارضي آفيسون گھوٽڪي ء ميرپورماٿيلو م قائم ڪري ويٺل آھن ڪمن ڪارن جي لاء تعلقي خانڳڙھ جو عوام روزانو گھوٽڪي ء ميرپورماٿيلو جا چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آھي جڏھن تہ نادرا جو پڻ مستقل سينٽر موجود نہ آھي جنھن جي ڪري قومي شناختي ڪارڊ ٺھرائڻ لاء مرد توڙي عورتون وڏين مشڪلاتن کي منھن ڏيئي رھيون آھن جڏھن تہ ٽاؤن ڪاميٽي خانڳڙھ جي آفيس به مستقل نه ھجڻ ٽاؤن انتظاميہ پنھنجو ڪاروھنوار ھلائڻ لاء عارضي طور صحت کاتي جي ٺھيل رھائشي ڪوارٽرن م پنھنجي آفيس قائم ڪري ويٺل آھن،صحت جي حوالي سان تعلقي جي واحد شيخ ھمدان بن محمد سرڪاري اسپتال مان غريب عوام کي ڪو به لاڀ ملي نه سگھيو آھي اسپتال م دوائن جي کوٽ ھر وقت موجود رھي تي، او ٽي جي ڪا به سھولت موجود نه آھي ان کان سواءِ ٻين شعبن جي اسپيشلسٽ ڊاڪٽر نہ ھئڻ ء ليبارٽري م مشينري جي کوٽ سبب خلق خدا آزار ۾ اچي ويو آھي. ڏورانھن علائقن جا ماڻھون پنھنجي بيمار عزيزن کي گھوٽڪي يا سکر علاج لاء کڻي وجڻ تي مجبور آھن تعلقي مان چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ھتان جي عوام کي ڳڻتي م مبتلا ڪري ڇڏيو آھي ،بنيادي سھولتن کان محروم خانڳڙھ جي عوام مطالبو ڪندي نظر اچي ٿو تہ تعلقي خانڳڙھ کي بنيادي سھولتون فراھم ڪري ھنن جون مشڪلاتون ختم ڪيون وجن.