fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

روسي شهري کي بچائيندڙ پاڪستاني فوجين لاءِ روس جو ايوارڊ

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي سفير ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سان روسي سفير اليگزي ديدوف ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻن طرفن لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران روسي سفير پنهنجي حڪومت پاران پاڪستان جي 10 فوجي آفيسرن ۽ ٻن سپاهين کي ڏنل ايوارڊ به آرمي چيف حوالي ڪيا، ان کانسواءِ روسي سفير آرمي چيف کي دولت مشترڪا ميڊل ۽ روسي جبل چاڙهو فيڊريشن جو تعارفي خط به پهچايو.آءِ ايس پي آر مطابق فوجي جوانن کي اهي ايوارڊ جولاءِ 2018ع ۾ روسي جبل چاڙهو جي مدد تي ڏنا ويا، پاڪ آرمي ايوي ايشن انتهائي مشڪل موسمي حالتن ۾ امدادي آپريشن ڪيو هو.

Bookmark the permalink.