fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ريلوي خسارو ڪيس، خواجه سعد رفيق آڊٽ رپورٽ جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو

لاهور( م ڊ )  اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق وڪيل پاران ريلوي ۾ خساري واري ڪيس ۾ ريلوي خساري تي آڊٽ جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس پاڪستان ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ ريلوي خساري واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، بئنچ ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ۽ جسٽس اعجاز الاحسن به شامل هئا. نيب پاران خواجا سعد رفيق کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، ان موقعي تي سندس وڪيل پاران ريلوي خساري بابت آڊٽ پيرا جو جواب جمع ڪرايو ويو. سعد رفيق جي وڪيل چيو ته آڊٽ پيراز ۾ ڪابه ڪرپشن ناهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته نقصان ته ٿيو آهي، جنهن جي جواب ۾ وڪيل چيو ته اهو نقصان نه پر خسارو آهي جيڪو 65 سالن کان هلندو پيو اچي. عدالت خواجا سعد رفيق جي جواب تي آڊيٽر جنرل ۽ وفاقي حڪومت کي جواب تي جواب جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽر ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سعد رفيق چيو ته ريلوي ۾ بهترين ڪم ڪيو، افسوس آهي شيخ رشيد سپريم ڪورٽ ۾ انجڻن جي قيمت تي غلط بياني ڪئي. سعد رفيق چيو ته 22 ڪروڙن ۾ آمريڪي ريلوي انجڻ ايندي آهي نه 44 ڪروڙن ۾ خريدي وئي، ٻنهي معاملن تي شيخ رشيد غلط بياني ڪري رهيو آهي، کيس ساڙ ۽ حسد کان پاسو ڪرڻ گهرجي. خواجه سعد رفيق جو چوڻ هو ته مونسان نيب جو رويو ٺيڪ ناهي، مونکي نيب قانون تي اعتراض آهن ۽ مون خلاف نيب جو ڪيس غلط آهي.  صحافي کائنس سوال ڪيو ته اوهان خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ پڻ شروع ٿي آهي جنهن سعد رفيق چيو ته اسان جي خلاف خبر ناهي ڪهڙيون ڪهڙيون انڪوائريون شروع ڪيون ويون آهن. خواجه سعد رفيق وڌيڪ جو وڌيڪ چوڻ هو ته احتساب جي نالي تي مسلم ليگ (ن) کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي نواز شريف کي سزا ڏني وئي ان کان وڏو ظلم ٻيو ڪو به ناهي.

Bookmark the permalink.