fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سرگوڌا يونيورسٽي جي سي اي او ميان جاويد جو پوسٽ مارٽم اڄ ٿيندو

ڪرپشن الزام ۾ گرفتار ميان جاويد گذريل ڏينهن دل جي تڪليف سبب فوت ٿيو هو

فوت ٿيڻ کانپوءِ هٿڪڙيون لڳل مڙهه جي تصوير وائرل ٿيڻ بعد نيب تي ڇتي تنقيد
نيب حراست ۾ فوت ٿيل پروفيسر کي ھٿڪڙيون لڳل

لاهور (رپورٽر ) لاهور جي ڪيمپ جيل ۾ لاڏاڻو ڪري ويل سرگوڌا يونيورسٽي جي سي اي او جو پوسٽ مارٽم اڄ ٿيندو، هٿڪڙيون لڳل مڙهه جي تصوير وائرل ٿيڻ بعد نيب کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو.
مبينا ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار سرگوڌا يونيورسٽي جو سي اي او ميان جاويد احمد کي دل جي تڪليف سبب گذريل ڏينهن لاهور جي ڪيمپ جيل مان سروسز اسپتال پهچايو ويو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو هو
فوت ٿيڻ کانپوءِ به ميان جاويد احمد کي لڳل هٿڪڙيون نه هٽايون ويون ۽ هٿڪڙيون لڳل مڙهه جي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد نيب توڙي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، سياسي ڌرين سميت عوام واقعي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو، پنجاب جو وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جو نوٽيس وٺندي رپورٽ به طلب ڪري چڪو آهي.
ميان جاويد کي نيب سرگوڌا يونيورسٽي جا غير قانوني ڪيمپس کولڻ جي الزام هيٺ هلندڙ سال گرفتار ڪيو هو، نيب پنهنجي حراست ۾ ميان جاويد جي لاڏاڻي جي ترديد ڪندي چيو ته احتساب عدالت کيس آڪٽوبر 2018 ۾ ئي جڊيشل ريمانڊ تي جيل اماڻيو هو، جنهن بعد نيب لاهور ميان جاويد کي صحتمند حالت ۾ ڪيمپ جيل منتقل ڪيو هو.
ترجمان نيب موجب گذريل ڏينهن جيل اختيارين ميان جاويد احمد کي دل جي تڪليف سبب سروسز اسپتال پهچايو، جتي هن دم ڏنو، موت جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ اڄ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو

Bookmark the permalink.