مٺي(ن پ ا)پي ٽي آءُ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ۽ سنڌ اسيمبلي ميمبر مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ مٺي سول اسپتال پهچي علاج جي سهوليتن جو جائزو ورتو ۽ مريضن سان عيادت ڪئي
حليم عادل شيخ آڏو مٺي سول اسپتال ۾ مريضن علاج جون مناسبت سهوليتون نه هجڻ جون دانهون ڪيون ،ماڻهن جو چوڻ هو ته دوائون سرڪاري نه ملڻ ڪري خانگي اسٽورن تان خريدڻ تي مجبور آهن .حليم عادل شيخ جو چوڻ هو ته سنڌ سرڪار دعوائن کان سواءُ ڪک ڀڃي ٻيڻون ناهي حڪومتي بي حسي سبب ٿر ۾ ٻارن جي موت تي ضابطو اچڻ مشڪل بڻيل آھي.ٿر جا ڏورنهان ڳوٺ علاج،پاڻي، تعليم سميت سموررين سهوليتن کان محروم آھن. پي ٽي آءُ ٿري عوام کي مشڪل وقت اڪيلو نه ڇڏيندي هن چيو ته ٿر ۾ مختلف پروگرام شروع ڪري رهيا آھيون. عمران خان ٿر جي مسئلن کان چڱي ريت واقف آھي. جنهن کي ڏڪار متاثرن جو احساس آھي.ٿر ۾ ڏڪار متاثرن جي مالي تي آيل فنڊن ۽ امداد ۾ سنڌ حڪومت جي وزيرن ۽ چونڊيل نمائندن مها ڪرپشن ڪئي آھي.