fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سنڌيونيورسٽي آفيسرز جي يونين جي چونڊ ، پولنگ جو عمل جاري

آفيسرز فرينڊز ۽ آفيسرز اتهاد پينل ۾ مقابل160 ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪندا

گرلس جمنازيم هال ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ، شام جو حتمي نتيجا جاري ٿيندا
سنڌيونيورسٽي آفيسرز جي يونين جي چونڊ

ڄامشورو ( ن پ ا) سنڌ يونيورسٽي آفيسرز يونين جي عهديدارن جي چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي ،شام جو اليڪشن جا حتمي نتيجا جاري ڪيا ويندا .
آفيسرز فرينڊز ۽ آفيسرز اتحاد پينل ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي ،160 ووٽرز ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن . پولنگ لاءِ سنڌ يونيورسٽي جي گرلس جمنازيم هال ۾ پولنگ اسٽيشن قائم ڪئي وئي آهي . ابراهيم ميرجت ۽ سجاد شاه جا پينل آمهون سامهون آهن آفيسرز اتحاد پينل جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اميدوار ساجد قيوم ميمڻ ۽ فرينڊز پينل جو اميدوار نديم ٻٽ اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن .سنڌ يونيورسٽي آفيسرز يونين اليڪشن ڪميٽيءَ جو چيئرمين معشوق صديقي کٽي آيل عهديدارن جي حتمي لسٽ شام جو جاري ڪندو.

Bookmark the permalink.