اسلام آباد: مني لانڊرنگ جي جاچ لاءِ سُپريم ڪورٽ طرفان جُڙيل جي آءِ ٽي جي رپورٽ آڌار وفاقي سرڪار طرفان اي سي ايل ۾ شامل ڪيل نالن جي فهرست سنڌ سان واسطو رکندڙ ڪامورن جا نالا به شامل آهن. توانائي شعبي جي سيڪريٽري آغا واصف، سنڌ بئنڪ جي صدر احسن طارق، ايس اي سي پي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر علي عظيم اڪرام، سنڌ بئنڪ جو صدر محمد بلال شيخ ۽ ايس ٽي ڊي سي جي سي اي او حسن رضا عباسي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن. اُن کانسواءِ ايم اي ڪسلنٽنٽ جي سي اي او خورشيد جمالي ۽ پروڪيورڪميٽي جي ميمبر مقصود نقوي جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا.