ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌ سرڪار 5 سال گذرڻ باوجود جيلن اندر سڌارا آڻڻ واري منصوبي کي مڪمل ڪري نه سگهي، خطرناڪ قيدين هٿان جيلن کي ٽوڙڻ ۽ ڏوهاري سرگرمين جا اڏا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ڪيميرائن ۽ جيمر لڳائڻ وارو منصوبو به مڪمل نه ٿي سگهيو، جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ ڪيترن سالن تائين مشڪلاتون پيدا ڪرڻ بعد سرڪار رڳو جيمر هٽائڻ لاءِ راضي ٿي آهي. سنڌ سرڪار 2013ع ۾ سنڌ اندر سمورن وڏن سينٽرل جيلن ۾ خطرناڪ قيدين جي سرگرمين کي روڪڻ، جيل ٽٽڻ کان بچائڻ ۽ جيلن مان خطرناڪ قيدين هٿان دهشتگردي جا منصوبا ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ 88 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو ۽ خيرپور جيلن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرائون ۽ 90 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جيمر لڳائڻ جي منصوبي جو اعلان ڪيو هو، ان منصوبي جي اعلان کان هن وقت تائين صرف 25 ڪروڙ رپيا خرچ ڪري ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ سي سي ٽي وي ڪميرائون لڳايون ويون، باقي جيلن ۾ ان منصوبي تي عمل نه ٿي سگهيو. اهڙي ريت ڪراچي ۽ حيدرآباد سينٽرل جيلن ۾ جيڪي جيمر لڳايا ويا، اهي ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ ڪي لاڀائتا ته ثابت نه ٿي سگهيا پر ٻنهي جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ لکين ماڻهن لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻجي ويا. ڪراچي سينٽرل جيل جي ڀر ۾ جمشيد ڪوارٽر، پي آءِ بي، نيو ٽائون، دهلي ڪالوني، ڪشمير روڊ، پنهور ڳوٺ، نيو ايم اي جناح روڊ جي مختلف علائقن ۾ 10 لک کان وڌيڪ آبادي موبائيل نيٽ ورڪ کان محروم ٿي وئي، جنهن ڪري نه صرف انهن علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون پر وڏي انگ ۾ لڏ پلاڻ ٿي، ويتر انهن علائقن ۾ ماڻهن مسواڙ تي گهر وٺڻ به بند ڪري ڇڏيا، جنهن ڪري ڪراچي سينٽرل جيل جي چئني پاسن کان اڌ ڪلو ميٽر جي علائقن ۾ موبائيل جا دڪان ۽ اسٽيٽ ايجنسيون به بند ٿي ويون. ”پنهنجي اخبار“ پاران علائقي ۾ وڃي ورتل ڄاڻ دوران دهلي ڪالوني جي رهواسين ٻڌايو ته صرف دهلي ڪالوني جي 10 گهٽين مان 50 کان وڌيڪ ماڻهن 5 سالن ۾ جيمرز جي ڪري پنهنجا گهر وڪرو ڪيا، ساڳئي طرح پير الاهي بخش ڪالوني جون جيل جي ڀر واريون 8 گهٽيون ساڳي عذاب ۾ مبتلا آهن. حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ به جيمر لڳڻ سبب سرفراز ڪالوني، مبارڪ ڪالوني، صحافي ڪالوني، ڪلهوڙا ڪالوني ۽ ٻين علائقن جا لکين رهواسي پريشان آهن، سرڪار ڪروڙين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود جيلن کي محفوظ ته نه بڻائي سگهي پر جيلن جي ڀر ۾ رهندڙ رهواسين لاءِ تڪليفون ئي پيدا ڪري سگهي، آخرڪار هن منصوبي کي مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي سرڪار فيصلو ڪيو آهي ته جيمر هٽايا ويندا.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
