گهوٽڪي(ن پ ا)نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي سربراه عبدالحئي بلوچ چيو آهي ته بلوچستان جو عوام پسماندگي جي زندگي گھاري رھيو آھي صوبي ۾ نالي ماتر جمهوريت آهي عام ماڻهو حق حاڪميت کان محروم بڻيل آهي ساڳي حالت سنڌ ۾ پڻ آهي
گهوٽڪي ۾ نواز ليگ سنڌ جي اڳواڻ حافظ صادق سميجو جي رھائش گاھ تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته بلوچستان جي عوام پنهنجي حقن جي حاصلات جي لاءِ فيصلائتي جدوجهد ڪري رهيو آهي ۽ اسان نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي پليٽ فارم تي ملڪ جي سڀني مظلوم قومن سياسي پارٽين جي باشعور جمهوريت پسند ڌرين کي گڏ ڪري ملڪ ۾ حقيقي عوام جمهوري نظام قائم ڪنداسين
عبدالحئي بلوچ وڌيڪ چيو ته موجوده سرڪار طرفان سياستدانن خلاف جاري احتساب ڍونگ آهي احتساب جي آڙ ۾ انهن ماڻهن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو جيڪي ڪجهه قوتن جي اشاري تي هلڻ کان انڪاري آهن
هن چيو ته پ پ قيادت کي گڏيل جمهوريت جو حصو بڻجڻ گهرجي ها صدارتي چونڊن کان پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران گڏيل مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ھئا پر پيپلزپارٽي ائين نه ڪيو