fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

سوين فارم گم آهن، اڍنگي رويي سبب بائيڪاٽ ڪيو: سپلا

فارم آن لائين اماڻڻ باوجود 27 سيڪڙو سلپون صحيح ۽ ٺپي بنا اماڻيون ويون: اصغر شاهه

سکر: شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماتحت 28 ڊسمبر کان ٿيندڙ بي اي، بي ايس اسي، ايم اي ۽ بي ڪام جي امتحانن متعلق سپلا الزام هنيو آهي ته سوين شاگردن جا فارم گم ۽ رولڙي جو شڪار آهن، جنهن متعلق يونيورسٽي جي امتحانن واري ڪنٽرولر سان رابطو ڪري کيس آگاهه ڪيو ويو ته اُن جو رويو انتهائي نا مناسب ۽ تڪيلف ڏيندڙ هيو. جنهن ڪري اسان مجبور ٿي امتحانن جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي صدر پروفيسر اصغر علي شاهه اِهو به انڪشاف ڪيو آهي ته امتحاني فارم آن لائين موڪلڻ باوجود هن وقت تائين 27 سيڪڙو سلپون پرنسپل جي صحي، ٺپي ۽ رسيدن کان بغير موڪڪليون ويون آهن. سپلا اڳواڻ طرفان اِهو به انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل سال امتحانن ۾ حصو وٺندڙ وڏي انگ ۾ شاگردن جي نتيجن جو اعلان به ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري اُهي شاگرد مونجهاري جو شڪار آهن ته اُهي پهرين سال ۾ امتحان ڏين يا ٻئين سال جو؟

Bookmark the permalink.