دمشق (انٽرنيشنل ڊيسڪ) گڏيل عرب امارات 7 ورهين بعد گهرو ويڙهه سبب تباهه ٿيل ملڪ شام جي راڄڌاني دمشق ۾ پنهنجو سفارتخانو ٻيهر کولي رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 2011 ۾ شامي تڪرار شروع ٿيڻ تي گڏيل بند ڪيل سفارتخانو عرب امارات ٻيهر کولڻ جون تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، جنهن جو باضابطه اعلان ترت ڪيو ويندو.
هوڏانهن شامي حڪومت جي سڌ سماءَ واري وزير جو چوڻ هو ته اماراتي سفارتخانو کلڻ جا قدم صدر بشار الاسد جو مخالف عرب رياستن سان سفارتي لاڳاپا وڌائڻ جو هڪ قدم آهي.
ٻي پاسي گڏيل عرب امارات سفارتخانو کولڻ بابت باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو، پر شام جي اطلاعات کاتي جي تقريب ۾ سفارتخانو ٻيهر کولڻ بابت صحافين کي ٻڌايو ويو.