اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ضمانت واري درخوسات رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس محسن اختر پي ٽي وي ڪرپشڻ جو فيصلو ٻڌائيندي شاهد مسعود جي ضمانت واري درخواست خارج ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 20 ڊسمبر تي پي ٽي وي ڪرپشن ڪيس ۾ ڊاڪٽر شاهد مسعود جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. ڊاڪٽر شاهد مسعود کي گذريل مهيني 23 نومبر تي ضمانت واري درخواست خارج ڪرڻ بعد اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان گرفتار ڪيو ويو هو. وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي جي موجب ڊاڪٽر شاهد مسعود تي مبينا طور تي 3 ڪروڙ 80 لک جي بدعنواني جو الزام آهي.