fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

شهبازشريف جي پي اي سي چيئرمين طور مقرري چيلينج

شهبازشريف تي ڪرپشن جا الزام آهن، ڪميٽي جو چيئرمين نه ٿو ٿي سگهي: درخواستگذار

شھباز شريف

لاهور( م ڊ ) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهبازشريف جي چيئرمين پي اي سي طور مقرري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪئي وئي آهي.
ايڊووڪيٽ اظهر صديق پاران لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ وفاقي سرڪار ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڌر بڻايو ويو آهي، درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته شهبازشريف تي ڪرپشن جا الزام آهن، تنهنڪري هو پي اي سي جي چيئرمين شپ نه ٿو سنڀالي سگهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي ته شهبازشريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بڻائڻ وارو قدم ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
ياد رهي ته ڪرپشن جي الزام هيٺ آشيانه هائوسنگ ڪيس ۾ گرفتار شهبازشريف کي 21 ڊسمبر تي پي اي سي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊيو ويو، سندس صدارت ۾ پهريون اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي

Bookmark the permalink.