
حيدرآباد(بيورو روپورٽ) ناميارن اديبن، شاعرن، ليکڪن ۽ سڄاڻ ڌرين چيو آهي ته شيخ اياز وڏو تخليقڪار هو، سندس شاعري ۾ جتي سنڌ جي سونهن ۽ سونڀيا جا رنگ ملن ٿا، اتي ئي سندس شاعري ۾ ڌرتي جو درد ۽ تڪليفون به نمايان نظر اچن ٿيون. اهڙو اظهار هنن خانا بدوش رائيٽرس ڪيفي ۽ شيخ اياز ميلا ڪاميٽي پاران شيخ اياز جي چوٿين ميلي جي ٽي ڏينهن تي ٿيل فڪري ويهڪن ۾ ڪيو. جڏهن ته ميلي ۾ شيخ اياز جي شاعري ۾عورت جي تصور جي موضوع هيٺ سيشن ٿيا، جنهن ۾ عورتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. لوڪ گيتن بابت سيشن ۾ ڳالهائيندي نامياري شاعر جمن دربدر خطاب ڪندي چيو ته ٿر جي لوڪ ادب ۽ شاعري ۾ رڳو وڇوڙو ۽ درد سمايل آهي، پر شيخ اياز ٿر جي حوالي سان پنهنجي شاعري کي نوان رخ ڏنا. نامياري شاعر سرمد چانڊيو چيو ته سنڌي ادب ۾ انتهائي ذميواري سان ڪم ڪري ادب جي وڏي خدمت ڪري سگهجي ٿي، شيخ اياز اسان وٽ جيڪو سرمايو ڇڏيو آهي، اسان ان کي سمجهي نه سگهيا آهيون، هو آفاقي شاعر آهي، هن جي معيار ۽ قد ڪاٺ ماپڻ جو اسان وٽ اڃا تائين ڪو معيار ناهي. هن چيو ته لطيف تي به اڃا اهو ڪم ناهي ٿيو، جيڪو ٿيڻ گهرجي، براڊ ڪاسٽر اينڊ شاعر مختيار ملڪ چيو ته اياز جي لوڪ گيتن ۾ ڀرپور رواني رکيل آهي، لوڪ گيت اندر جو آواز ٿين ٿا، انهن ۾ خوشين ۽ دردن جو پيغام لڪيل هجي ٿو. ڀارو مل امراڻي چيو ته شيخ اياز پنهنجي تخليقي ڏات سان ٿر کي سرسبز ۽ شاداب بنائي ويو آهي. هن چيو ته ٿر جي ماڻهن ۾ لوڪ ادب سمايل آهي ۽ کين لوڪ گيت برزبان ياد رهن ٿا. ماڊيٽر ذڪيا اعجاز چيو ته اياز جي شاعري ۾ باغي عورت جو خوبصورت تصور سمايل آهي، اياز جي ماروي مضبوط لڳي ٿي، سندس مومل ۽ ليلي وٽ پڇتاءُ ناهي. امر پيرزادي چيو ته اسان وٽ شوقين فيمنسٽ هوندا آهن، پر اياز ماڊرن ۽ پورهيت عورتن تي به لکيو، شيخ اياز، عطيه دائود جي شاعري تي تبصرو ڪندي چيو هو ته ان کي برصغير جي سڄي فيمسزم کان مٿانهن شاعري قرار ڏنو هو، نامياري شاعره رخسانا پريت چنڙ چيو ته اياز انقلابي شاعر هو ۽ هن هڪ بهادر شاعر طور عورت جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ڪيو آهي. تنوير انجم چيو ته اڳ فمينسٽ طور شاعرن کي پرکيو ويندو هو، جڏهن ته شيخ اياز جي شاعري ۾ آفاقيت آهي، فاطمه حسين چيو ته اياز خوبصورت تخليقڪار آهي.