ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) جي اڳواڻ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي رضا عابدي جي قتل بعد متحده جي ڌڙن پاڻ ۾ رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. تفصيل موجب فيصل سبزواري ڊاڪٽر فاروق ستار سان رابطا ڪيا. ميڊيا سان ڳالهائيندي فاروق ستار سان في الحال ملاقات جي لاءِ وقت گهريو آهي. فيصل سبزواري جو چوڻ هو ته ملاقات جو مقصد موجوده صورتحال تي فاروق ستار سان ڳالهيون ڪرڻ آهي. هن چيو ته فاروق ستار ملاقات جي راضپو ظاهر ڪيو، ملاقات ذاتي حيثيت ۾ ڪندس پارٽي طرفان ملاقات جي لاءِ ناهي چيو ويو.