fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

قرض اوڳاڙڻ جو نئون طريقو، ٽنڊي آدم ۾ بينڪ عملو بيواهه جي گھر ۾ ڪاهي پيو

ڪهيري پاڙي ۾ بينڪ عملو بيواهه عورت فرزانه ابڙو جي گھر ۾ داخل ٿي ويو، تشدد

مُور جا پيسا ڏئي چڪا آهيون، وياج لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي، انصاف ڪيو وڃي: متاثر عورت

ٽنڊوآدم (رپورٽ: محمد وارث قمبراڻي) ٽنڊوآدم جي ڪهيري پاڙي م قرض اوڳاڙڻ لاءِ خانگي بئنڪ جو عملو بيوهه عورت فرزانه ابڙو ۽ عابده ڪهيري جي گهر م داخل ٿي ويو ته عورتن ۽ ٻارڙن مزاحمت ڪئي ان دوران عملي جي ماڻهن پيرسن امام ڏنو ڪهيري کي مارڪٽ ڪري زخمي ڪري وڌو ۽ عورتن کي ڌڪا ڏنا ۽ گٿا لفظ ڳالهايا واقعي خلاف عورتن ۽ ٻارڙن پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو ته خانگي بئنڪ جا ملازم ذوالفقار، عارف ۽ 6 نامعلوم ماڻهو اسان جي گهرن م داخل ٿي مارڪٽ ڪئي هنن چيو ته اسان مور جا پئسه ڏيئي چڪا آهيون وياج جي پئسن لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي هنن اختيارين کان انصاف جي گهر ڪئي آهي .

Bookmark the permalink.