fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اسلام آباد جي عورتن لاءِ هڪ، هڪ سيٽ مخصوص ڪرڻ لاءِ ترميمي بل آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (رپورٽر) وفاقي ڪابينا اسلام آباد مان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عورتن لاءِ هڪ هڪ سيٽ مخصوص ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو بل آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سڌ سماءُ جي وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ اسلام آباد مان سينيٽ توڙي قومي اسيمبلي ۾ عورتن کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ هڪ هڪ سيٽ مخصوص ڪرڻ لاءِ آئيني ترميم آڻڻ تي غور ٿيو. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ عورتن کي نمائندگي ڏيڻ لاءِ آئيني ترميم آندو ويندو.

Bookmark the permalink.