fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

لاڙڪاڻي جي مختلف علائقن مان گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف مظاهرو

ڊسپوزل مشين 6 ڏينهن کان خراب هجڻ سبب گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيٺل آهي: شهري

ميئر ۽ يوسي چيئرمين کي شڪايت باوجود ميونسپل عملو قدم نٿوکڻي، ڪارروائي ڪئي وڃي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي مختلف علائقن جي رهواسين گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ميئر خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي حيدري محلا، ڪوثر مل، حسيني محلا، عارباڻي محلا، بروهي محلا ۽ نشتر روڊ جي رهواسين اظهر ڀٽي، جبار جمالي، طارق ڪلهوڙو، امجد کهاوڙ، عمران شاهه ۽ ٻين دانهيو ته علائقي ۾ لڳل ڊسپوزل مشين گذريل 6 ڏينهن کان ناڪاره بڻيل آهي جنهن ڪري گندو پاڻي گهٽين ۽ روڊن تي تلاءُ جيان بيٺل آهي جنهن کي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ميونسپل عملي طرفان ڪي به جوڳا قدم ناهن کنيا ويا ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا ميئر ۽ يوسي چيئرمين کي شڪايتون ڪيون پر هو مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نه آهن. هنن مطالبو ڪيو ته گندو پاڻي نيڪال ڪرائي ناڪاره ڊسپوزل مشين ٻئي هنڌ منتقل ڪري فوري طور صفائي سٿرائي جو ڪم شروع ڪيو وڃي ٻي صورت ميئر جي آفيس جو گهيراءُ ڪري سخت احتجاج ڪيو ويندو.

Bookmark the permalink.