fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

لطيف يونيورسٽي ۽ سپلا ۾ دنگل: ڪاليج سائيڊ جا امتحان ملتوي

شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور

خيرپور/سکر (نمائدن وٽان) خيرپور ۾ واقع شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي انتظاميه ۽ سنڌ پروفيسرز ۽ ليڪچررز ايسوسئيشن (سپلا) وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، يونيورسٽي ماتحت ڪاليجن ۾ 28 ڊسمبر کان ٿيندڙ سالياني امتحانن جو سپلاءِ پاران بائيڪاٽ جو اعلان. يونيورسٽي انتظاميه امتحان ئي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيا. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه ۽ سنڌ پروفيسر اينڊ ليڪچرار ايسوسئيشن (سپلا) سکر، لاڙڪاڻو ريجن وچ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن، يونيورسٽي انتظاميه جي رويي تي سڏايل سپلا جو سڏايل هنگامي اجلاس گورنمينٽ سپريئر سائنس ڪاليج خيرپور ۾ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي عهديدارن شرڪت ڪئي. جنهن ۾ متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته يونيورسٽي انتظاميه طرفان گذريل سال لکت ۾ ڪيل معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي سنجيدگي توڙي دلچسپي جو مظاهرو ناهي ڪيو، اِن سان گڏ اعلانيل امتحان ۾ صرف ٻه ڏينهن هئڻ باوجود وڏي انگ ۾ شاگردن جون امتحاني سلپون سينٽر تي نه پهچڻ توڙي استادن کي ڊيوٽين متعلق آگاهه ئي ناهي ڪيو ويو. جنهن ڪري گڏجاڻي ۾ شريڪ سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج جي صدر پروفيسر سيد اصغر علي شاهه، جنرل سيڪريٽري پروفيسر مشتاق احمد ڦلپوٽو، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري عبدالجبار سولنگي، سينيئر نائب صدر پروفيسر الطاف کهرو، نائب صدر پروفيسر نظر احمد مهر، مختلف ڪاليجن جي پرنسپلز گورنمينٽ اسلاميه آرٽس اينڊ سائنس ڪاليج سکر جي پرنسپل پروفيسر محمد ايوب مري، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو جي پرنسپل پروفيسر غلام سرور قريشي، پرنسپل گورنمينٽ سچل سرمست ڊگري ڪاليج راڻيپور محمد اطهر هنجراهه، سپلا سکر ضلعي جي صدر پروفيسر غفران الله بلوچ، گهوٽڪي جي صدر پروفيسر وقار احمد قائمخاني، شڪارپور جي صدر پروفيسر سعيد احمد منگي، خيرپور جي صدر پروفيسر لال بخش سوهو ۽ ٻين متفقه طور تي 28 ڊسمبر تي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ماتحت ڪاليجن ۾ ٿيندڙ امتحانن جو مڪمل طور بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه جيستائين سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪندي تيستائين امتحانن جو بائيڪاٽ جاري رهندو. اِن ڏس ۾ رابطو ڪرڻ تي سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي صدر پروفيسر سيد اصغر علي شاهه پنهنجي اخبار کي ٻڌايو آهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي انتظاميه ڪاليج سطح تي تعليمي عمل ۾ مڪمل طور غير سنجيده آهي جنهن متعلق مختلف وقتن تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر پروين شاهه توڙي لاڳاپيل اختيارين وٽ پڻ شڪايتون ڪيون آهن پر لکت ۾ معاهدو ٿيڻ باوجود سنجيدگي جو مظاهرو ناهي ڪيو ويو. امتحاني شاگردن جون سلپون جيڪي گهٽ ۾ گهٽ 15 ڏينهن اڳ ڪاليجن ۾ پهچائڻون آهن اُهي امتحانن ۾ ٻه ڏينهن رهجڻ باوجود ناهن پهتيون. داخلا جي پاليسي ۽ سالياني تعليمي ڪئلينڊر جي تياري لاءِ گذريل سال لکت ۾ خاطري ڪرائي وئي جنهن تي به هن وقت تائين ڪو عمل ناهي ٿي سگهيو. يونيورسٽي انتظاميه جي اهڙي غيرسنجيده رويي سبب ڪاليجن جي پرنسپلز ۽ سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ريجن جي عهديدارن متفقه طور تي 28 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو آهي. بائيڪاٽ کان پوءِ لطيف يونيورسٽي جي انتظاميه 28 ڊسمبر کان ڪاليج سائيڊ جي ٿيندڙ امتحانن کي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ لطيف يونيورسٽي جي ترجمان ابراهيم کوکر پڌرائي جاري ڪندي سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻي ريجن طرفان يونيورسٽي انتظاميه تي لڳايل الزامن جي ترديد ڪندي ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي جي ساليانه امتحان 2018 کان پهريان ئي سپلا جي نمائندن جا سمورا مطالبا مڃيا ويا هئا. تمام بقايائون ۽ معاوضا پڻ ادا ڪيا ويا آهن. جڏهن ته سپلا طرفان جاري ڪيل انگ اکر غلط فهمي ۽ مفروضن تي ٻڌيل آهن، يونيورسٽي طرفان ساليانه امتحان 2018 جون تمام تياريون مڪمل هئڻ باوجود سپلا جي بائيڪاٽ ۽ ڪاليج جي استادن جي اڻپوري تياري ڪري وقت تي امتحان ڪرائڻ مشڪل ٿي پيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي يونيورسٽي انتظاميه شاگردن کي پريشاني کان بچائڻ لاءِ نيئن تاريخ تائين امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو آهي.

Bookmark the permalink.