طرابلس (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ليبيا جي پرڏيهي کاتي جي عمارت جي آپگهاتي حملي ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 9 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا موجب ليبيا جي راڄڌاني طرابلس ۾ پرڏيهي کاتي جي عمارت ۾ ٻن حملو ڪندڙن داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، ناڪامي تي هڪ حملو ڪندڙ پاڻ کي مک دروازي تي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو، جڏهن ته ٻيو حملو ڪندڙ مشين گن سان فائرنگ ڪندي اندر داخل ٿيو.
آپگهاتي حملي ۾ پرڏيهي کاتي جي عمارت جي سيڪيورٽي ڊيوٽي ڏيندڙ هڪ اهلڪار ۽ هڪ ڪلراڪ مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته 9 ملازم به زخمي ٿيا. عمارت ۾ داخل ٿيل حملو ڪندڙ کي سڪيورٽي اهلڪارن ماريو.
هوڏانهن سڪيورٽي اختيارين جو چوڻ هو ته حملي ۾ داعش جي ملوث هجڻ واري امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي.
جڏهن ته داعش سميت ڪنهن ويڙهاڪ ڌڙي حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي.