
قاهره (دلچسپ نيوز) مصر جي هڪ قبيلي ۾ هن دور ۾ به قديم زماني جي رسم “بشعه” ذريعي ڪوڙ ۽ سچ جو فيصلو ڪيو وڃي ٿو. اتر اوڀر مصر جي بدوي قبيلي عياده ۾ ان رسم موجب شڪي همراهه کي ٽانڊن تي گرم ڪيل لوهي چمچي کي پنهنجي زبان سان چٽڻو پوي ٿو. جيڪڏهن شڪي همراهه ڪوڙو آهي ته سندس زبان سڙِ ويندي آهي، جڏهن ته معصوم (سچي) همراهه کي ان سان ڪجهه به ناهي ٿيندو.
تاريخ ۾ اها رسم قديم ميسوپوٽيميا ۾ به رائج هئي جيڪا تڏهن کان ئي هلندي پئي اچي. بدوي قبيلا سوين ورهين کان ان رسم تي عمل ڪندا پيا اچن ٿيا، پر عياده کانسواءِ ٻيا هڙئي قبيلا ان رسم تان هٿ کڻي ويا آهن. اردن ۽ سعودي عرب ۾ ان رسم تي پابندي آهي، پر مصر ۾ ان جي اجازت آهي.
آفريقي اسلامي ملڪ به ان رسم کي غير اسلامي سمجهن ٿا. بشع کي ڪوڙو پڪڙڻ وارو اوائلي اوزار به چيو وڃي ٿو.