fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ملير ۾ پوليس آفيسر اسڪول جي گھٽي بند ڪري ڇڏي، احتجاج

ملير (رپورٽر) ملير جي علائقي عيدو ڳوٺ جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول جي پٺئين پاسي ۾ رهندڙ بااثر پوليس سب انسپيڪٽر زين سولنگي پاران اسڪول طرف ويندڙ گهٽي ۾ ڀت اڏي لنگهه بند ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب اسڪول جا ٻارڙا توڙي رهواسي لنگهه بند هجڻ سبب پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهن، ان حوالي سان گورنمنٽ اسڪول جي هيڊ ماستر سليمان راڄپر، ڳوٺاڻن علي محمد، وهاب، غلام علي ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته بااثر پوليس آفيسر زين سولنگي زبردستي اسڪول جي طرف ايندڙ گهٽي ۾ ڀت اڏي اچ وڃ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب شاگرد ۽ شاگردياڻين کي اسڪول اچڻ ۾ سخت ڏکائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هيڊ ماستر چيو ته بااثر پوليس آفيسر 3 مهينا اڳ گهٽي بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن خلاف تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ملير کي درخواست ڏني وئي جنهن بعد هن وقتي طور ڪم بند ڪري ڇڏيو هو ۽ اهو يقين ڏياريو هو ته اسڪول جي گهٽي بند نه ڪئي ويندي جنهن بعد هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس آفيسر اسڪول جي موڪل جو فائدو وٺندي رات جي پيٽ ۾ گهٽي اندر ڀت اڏي اسڪول طرف ايندڙ ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، ڳوٺاڻن چيو ته ڀت اڏڻ کان منع ڪرڻ تي پوليس آفيسر اسانکي ڌمڪيون ڏئي ٿو. هنن پوليس اختيارين ۽ ڊسٽرڪٽ سيشن جج ملير کي اپيل ڪئي ته گهٽي بند ڪندڙ بااثر پوليس آفيسر خلاف ڪاروائي ڪري گهٽي ۾ اڏيل ڀت ڊاهي رستو کولرايو وڃي.

Bookmark the permalink.