fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ملڪاڻي شريف ۾ پاڻي ڏيڻ بدران احتجاج ڪندڙ آبادگارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو

پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب فصل پوکجي نه سگهيا، سوين ايڪڙ زرخيز زمين بنجر بنجڻ لڳي، آبادگار پريشان

آبادگار طبقو معاشي بدحالي ۾ وڪوڙجي ويو آهي، اڳواڻن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا ويا آهن: مظاهرين

ملڪاڻي شريف (ن پ ا) ملڪاڻي شريف جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم نه ٿي. فصل پوکجي نه سگهيا، سوين ايڪڙ آباد زمين بنجر بنجڻ لڳي آهي، آبادگارن جا ٻئي هٿ مٿي تي اچي ويا. آبپاشي سب ڊويزن خيرپور گمبوهه جي شاخن کوسڪي، آئيلپور، جرڪس، ٻنگار، خيرپور ۽ باگو مائينر سوڌو ٻين شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ ختم نه ٿي سگهي، جنهن ڪري آبادگار ڪڻڪ، سرنهن، ڄانڀو، سورج مکي، اسپنگر، سايون ڀاڄيون ۽ مال جي چاري جو گاهه پوکي نه سگهيا آهن. فصل نه ٿيڻ ڪري آبادگارن، هارين سان گڏ واپاري، مزدور ، پورهيت طبقي کان به روزگار کسجي ويو آهي. پاڻي جي هٿرادو کوٽ ۽ پڇڙيءَ جي آبادگار اڳواڻ منظور چانڊيو سميت ٻين آبادگارن تي ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ملڪاڻي شريف ۾ آبادگارن ۽ نوجوان آزاد اتحاد پاران آبپاشي عملدار ايس ڊي او خيرپور گمبوهه ذوالفقار لاشاري خلاف مير مرتضا چانڊيو، غلام محمد ملڪاڻي، اميد علي چانڊيو، ڀيمراج ڀيل، نعيم ڀٽي ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ احتجاج ڪيو. ايس ڊي او خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته آبپاشي عملدارن پاڻي جي هٿرادو کوٽ ڪري اسان جون سوين ايڪڙ زمينون بنجر بڻائي ڇڏيون آهن. فصل نه پوکي سگهيا آهيون ، اسان کان روزگار کسيو ويو آهي. هنن چيو ته آبپاشي عملدار پڇڙيءَ جي لاءِ پاڻي گهرندڙ آبادگار اڳواڻ منظور چانڊيو تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي هڪ مهيني کان جيل ۾ قيد ڪرائي ڇڏيو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته آبادگاراڳواڻ منظور چانڊيو تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرائي پڇڙيءَ جي آبادگارن کي پاڻي مهيا ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.