
اسلام آباد: بدين جي حسنين مرزا انعامي بانڊ ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ 53 لک 17 هزار پاڻ وٽ ڄاڻايا آهن. نور احمد ڀرڳڙي وٽ 25 لک، عزيز جوڻيجي وٽ 20 لک جا انعامي بانڊ آهن. جڏهن ته نواب تيمور ٽالپر 71 لک 55 هزار روپين جا بانڊ ۽ روڪ رقم پاڻ وٽ موجود ڄاڻائي آهي. فراز ڏيري وٽ 24 لک، شاهد ٿهيم وٽ 20 لک، سيد شاھ حسين شاھ شيرازي وٽ 11 لک 80 هزار. مهتاب اڪبر راشدي وٽ 90 لک جا انعامي بانڊ آهن. جڏهن ته ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو پاڻ وٽ بانڊ ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ 33 لک 37 هزار روپيا موجود ڄاڻايا آهن. سيد جاويد شاھ جيلاني وٽ 25 لک جا انعامي بانڊ آهن.
ڊاڪٽر مھيش ملاڻي پوئتي رھجي ويو : ٿر مان چونڊيل پ پ جو اقليتي ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي بانڊن رکڻ جي ريس ۾ پوئتي رهجي ويو، وٽس رڳو 30 هزارن جا بانڊ پيل آهن.
صدر علوي به بانڊ رکڻ جو ڪوڏيو نڪتو: ڪراچي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي به بانڊن رکڻ جو ڪوڏيو نڪتو، سرڪاري رڪارڊ موجب وٽس بانڊن ۽ روڪ رقم جي صورت ۾ 56 لک ۽ 56 هزار موجود آهن.