fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

مورو جون ماسترياڻيون مثال، احمدآباد گرلس اسڪول هلائڻ لاءِ کيسي مان خرچ

نوشهروفيروز: مورو ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول احمد آباد کي پنهنجي مدد تحت پاڻ اسڪول جون ماسترياڻيون هلائي رهيون آهن جڏهن ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ سبب شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ساڳئي ئي نالي تي قائم بوائز اسڪول کي عمارت به آهي پر چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن جي عدم دلچسپيءَ سبب گرلس اسڪول عمارت سميت سمورين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي. اسڪول کي هلائڻ لاءِ اسڪول ۾ مقرر 8 ماسترياڻين پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڙي ۾ 6 هزار روپيا مسواڙ تي عمارت ورتي آهي پر ان ۾ سهولتن جي کوٽ آهي. اسڪول ۾ علائقي جون 150 نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. پر انهن کي ويهڻ لاءِ فرنيچر نه آهي. جڏهن ته اسڪول ۾ واش روم به نه آهي. ماسترياڻين پنهنجي خرچ سان بليڪ بورڊ ۽ پکا هڻايا آهن ۽ باقي سامان به پنهنجي مدد پاڻ تحت خريد ڪري اسڪول ۾ نياڻين کي تعليم جهڙي زيور سان نوازينديون رهن ٿيون. علائقي واسي سڪندر جروار ٻڌايو ته علائقي وارن چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي اسڪول بابت لکت ۾ درخواستون ڏنيون آهن پر ڪير به نياڻين جي اسڪول ڏانهن توجهه ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي ايس نسيم ميمڻ ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت لاءِ تمام گهڻيون ڪوششون ورتيون آهن پر ڪٿان به ڪا موٽ نه ٿي ملي. هن چيو ته بنا فرنيچر ۽ سهولتن جي اسڪول هلائڻ ڏکيو ڪم آهي پر نياڻين جي تعليم متاثر ٿيڻ نه ڏني آهي. تعلقه ايجوڪيشن آفيسر گرلس مورو عبيد عباسي ٻڌايو ته واقعي گرلس اسڪول احمد آباد ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي. ذاتي ڪوششون وٺي نياڻين جي ويهڻ لاءِ مان بئنچون هٿ ڪري ڏيندس جڏهن ته اسڪول کي بوائز اسڪول جي عمارت ۾ شام واري شفٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ پڻ ڪوششون وٺندس ڇاڪاڻ ته ٻئي اسڪول ۾ منتقل ڪرڻ منهنجي اختيار ۾ ناهي. ان ڪري درخواست ڊي او ڏانهن موڪلبي جيڪو اسڪول جي منتقلي جي اجازت ڏئي سگهي ٿو. 

Bookmark the permalink.