نوابشاهه( رپورٽر ) تعلقه ٿاڻي جي پوليس جوا جي اڏي تي ڇاپو 3 هڻي جوابدار گرفتار ڪري ورتا،ان ڏس ۾تعلقه ٿاڻي نوابشاهه جي پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته انهن بلاول مائنر جي ڀرسان هلندڙ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ٽن جوارين بلو شر، علي حسن زرداري ۽ محب علي زرداري کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان 8 هزار روپيا روڪ، تاش جي ڊٻي، هڪ موٽر سائيڪل بغير ڪاغذن جي هٿ ڪئي ۽ جوابدارن خلاف پنج جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.