نوشهروفيروز(ن پ ا) نوشهروفيروز ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ مختلف بيمارين وبائي صورت اختيار ڪري ورتي، ڪيترائي ڍور مري ويا، ڳوٺاڻن ڊاڪٽرن جي ٽيم اماڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي
ضلعي جي مختلف شهرن توڙي ڳوٺن ۾ چوپايو مال ۾ ڳنڍ، گوگهو، ٻيڪ، ڦڦڙن جي بيماري، گُهمرو، مهاڙو واريون بيماريون تيزي سان پکڙجڻ لڳيون، جنهن ڪري مالوند ماڻهن جا وٿاڻ خالي ٿيڻ لڳا آهن.
ڦل ڀرسان ديهه مينگهلو ۾ ڳوٺ ڌڻي بخش کوسو ۽ سومر کوسو ۾ پراسرار بيماري سبب 20 کان وڌيڪ مينهون ۽ ٻڪريون مري ويون، ڳوٺ زوار محمد خاصخيلي ۾ 4 ٻڪريون، 3 ڇيلا مري ويا. ڳوٺ خدا بخش شاهه ۾ هڪ مينهن مري وئي، ڳوٺ مٺا خان مري ۾ 2 ٻڪريون مري ويون، ابڙان شهر ۾ هڪ ٻڪري، 3 مينهون مري ويون ۽ ڀرنڊ ۾ 6 ٻڪريون مري ويون.
ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته بيمارين وگهي اسان جو مال مري رهيو آهي، اطلاع ڏيڻ باوجود لائيو اسٽاڪ کاتي جو عملو ناهي پهتو ۽ ڊاڪٽر گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن، سنڌ سرڪار معاملي جو نوٽيس وٺي ڊاڪٽرن جي ٽيم موڪلي وڌيڪ چوپائي مال کي بچايو وڃي.
ٻئي طرف لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر راج ڪمار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته کين مختلف ڳوٺن ۾ جانورن ۾ پيدا ٿيل بيمارين بابت ڳوٺاڻن آگاهه ناهي ڪيو، تنهن هوندي به سياري ۾ نزلي، زڪام ۽ ٻين بيمارين کان بچاءُ لاءِ اي پي آر، اي پي پي ويڪسين ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جيڪڏهن ڳوٺاڻا اطلاع ڏيندا ته بيمار جانورن جو ڳوٺن ۾ وڃي علاج ڪيو ويندو.
- حيدرآباد: ڄامشورو روڊ تي ڪار حادثو، ھڪ ڄڻو فوت، 3 ڄڻا زخمي
حيدرآباد(رپورٽر)ڄامشورو روڊ تي لطيف آباد رھواسين جي ڪار سان حادثو پيش آيو. ڪار ڊرائيور موقعي تي فوت ٿي ويو جڏھن تھ ڪار سوار 3 ڄڻا زخمي ٿي ويا. پوليس لاش…
- “ڪارنهن جي تهمت” جوابدار ڀاڄائي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو
صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار غلام رسول بروهي ڪارنهن تهمت مڙهي ڀاڄائي مسمات بينظير ۽ نوجوان غلام علي کوسو کي…
- ”مهرن جي دعوت“ آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا
سکر ( ن پ ا) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي آءِ ٽي رپورٽ کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته سنڌ سرڪار مدو پورو…
بحث مباحثو
Fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟صحبت پور (ن پ ا) ڊيرالهيار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ محبوب علي کوسو ۾جوابدار
asdasd آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdasdasd 
fahad آصف زرداري کي گرفتارڇونه ٿيڻ گهرجي؟asdkakjdslas
