
سکر (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي اختيارين ڪاليج سائيڊ جي ملتوي ٿيل امتحاني پيپر جو نئون شيڊول سپلا سان ڳالهين بعد جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. سنڌ پروفيسرس اينڊ ليڪچررز ائسوسيئيشن طرفان ڪاليج سائيڊ جي امتحانن لاءِ انتظام اڻپورا هجڻ ڪري ڪاليج سائيڊ جي امتحانن جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو هو. يونيورسٽي انتظاميا ۽ سپلاءِ وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪرڻ بعد يونيورسٽي انتظاميا سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ 28 ڊسمبر تي رٿيل ڪاليج سائيڊ جا امتحان ملتوي ڪيا ويا. ذريعن موجب يونيورسٽي انتظاميا چيو آهي ته سپلا اڳواڻن سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڪاليج سائيڊ جي امتحانن نئون شيڊول جاري ڪيو ويندو. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪاليج سائيڊ جي امتحانن لاءِ سمورا انتظام مڪمل آهن، پر سپلا جي احتجاج سبب امتحان ملتوي ڪرڻا پيا. سپلا سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن جي صدر اصغر علي شاهه ۽ سيڪريٽري مشتاق ڦلپوٽو جو چون آهي ته جن شاگردن آن لائين فارم ڀريا هئا، يونيورسٽي انتظاميا انهن شاگردن جا فارم گُم ڪري ڇڏيا ۽ هاڻ ڪاليجن ڏانهن خالي فارم موڪلي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته شاگردن کان جلد فارم ڀرايا وڃن. واضح رهي ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ سپلا وچ ۾ تڪرار سبب سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي 85 کان وڌيڪ ڪاليجن جا 60 هزار شاگرد رُلي ويا آهن. شاگردن ٻُڏتر ۾ آهن ته کين امتحانن لاءِ سلپون ڪڏهن ملنديون ۽ نئون شيڊول ڪڏهن جاري ٿيندو.