
سينتياگو (دلچسپ) هيڊ کي ڪيترن ئي دوائن ۾ ڪم آندو ويندو آهي، پر چلي ۾ ڊاڪٽرن نئين تحقيق مان ثابت ڪيو آهي ته هيڊ ڪينسر کي وڌيڪ ڦهلجڻ ۾ پڻ ڪارآمد آهي. چلي ۾ ڊاڪٽرن هڪ تحقيق ڪئي جنهن ۾ نينو اميولشن Nanoemulsion ذريعي هيڊ تي تحقيق ڪئي جنهن دوران ڪينسر جي ڦهلاءَ ۾ هيڊ مددگار ثابت ٿي. سائسندانن پاران Fundacion Imagen de Chile ايونٽ دوران ان تحقيق کي پيش ڪيو، سائنسدانن پاران هيڊ ذريعي جانورن مٿان تجربا ڪيا، جنهن ۾ هيڊ اينٽي ڪينسر طور ڪم ڪيو ۽ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ سيلن کي ڦهلجڻ کان روڪڻ ۾ حيراني طور 25 سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکاري. چلي جي سائنسدانن موجب هيڊ جا سائيڊ افيڪٽس به نه هجڻ جي برابر آهن. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته هيڊ کي کاڌي طور، يا ڦٽ مٿان ڪريم جيان استعمال به ڪري سگهجي ٿو.