fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

يوٽرن مٿان يوٽرن، پي ٽي آءِ جو ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بابت اعلان به واپس

ايندڙ سال پهرين جولاءِ کان ڏکڻ پنجاب جي ڌار انتتظامي سيڪرٽريٽ جو اعلان ڪيو ويو هو

لاهور (م ڊ) حڪمران پارٽي تحريڪ انصاف جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ بابت اعلان هٽائي ڇڏيو. تحريڪ انصاف جي آفيشل ٽوئٽر اڪائونٽ تان ڪيل ٽوئيٽ ۾ ايندڙ سال پهرين جولاءِ کان ڏکڻ پنجاب جي الڳ انتظامي سيڪريٽريٽ جو اعلان ڪيو هو. ٽوئيٽ ۾ اهو به چيو ويو هو ته ڏکڻ پنجاب جو الڳ چيف سيڪريٽري ۽ الڳ آءِ جي پوليس به مقرر ڪيا ويندا جڏهن ته ڏکڻ پنجاب جي ترقياتي بجيٽ به سندس پاڻ وٽ هوندو. ميڊيا تي اهڙي خبر نشر ٿيڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان ڄاڻايل ٽوئيٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي آهي.

Bookmark the permalink.