ٺل(ن پ ا)اي سيڪشن ٿاڻي جي حد باءِ پاس تي تيز رفتار ايڪسئن جي سرڪاري گاڏي جي موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنھن سبب موٽر سائيڪل سوار نينگر عزيز احمد پٽ فيض محمد لاشاري شديد زخمي ٿي پيو جنهن کي سرڪاري اسپتال داخل ڪرايو. ايڪسئن پنهنجي گاڏي ڪاهي فرار ٿي رهيو هو ته شهرين سرڪاري گاڏي جي آڏو بيهي روڪي ورتو جنهن تي ايڪئسن جي گارڊن شهرين مٿان هٿيار تاڻي ورتا. گارڊن ۽ شهرين ۾ منهن ماري ٿي پئي. اطلاع تي پوليس پهچي ڊائيور سميت سرڪاري گاڏي ڪاهي اي سيڪشن ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي. علائقي جي بااثر شخص جي مداخلت تي ٻنهي ڌرين ۾ ٺاه ڪرايو ويو. ايس ايڇ او ٺل موجب ٻنهي ڌرين ۾ ٺاه ٿي ويو آھي.