ٺل(رپورٽ مير ڀٽي)ٺل ويجهو ڳڙهي حسن مان اغوا ٿي ويل فضيلا سرڪي جي اغوا کي 11 سال گذرڻ وارا هجڻ باوجود فضيلا سرڪي جي بازيابي هڪ خواب بڻجي ويئي آهي فضيلا سرڪي جي وارثن 10 سالن کان وڌيڪ عرصو هن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو انهي ڪيس جي جاچ سٺي ساک رکندڙ پوليس عملدار ولي الله دل، ثناءُ الله عباسي، اي ڊي خواجا سميت ٻين ڪئي ڪيترائي ڀيرا مختلف علائقن ۾ هن جي بازيابي لاءِ آپريشن ڪيا ويا فريادي پاران ڌاڙيل ٻڍي سرڪي سميت ٻين مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو سپريم ڪورٽ انهي ڪيس جي پاڻ مرادو نوٽيس وٺي ڪيس هلايو پوليس عملدار کي گهرائي فضيلا کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏنو پر پوءِ به فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي جي موجود هجڻ تي گهوٽڪي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ ٻار سميت ٽي ڄڻا پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا پر پوءِ به فضيلا بازياب نه ٿي سگهي شڪار پور شهر ۾ به فضيلا جي ڏس تي ڪاروائي ڪري هڪ ناري کي هٿ ڪيو ويو پر هن جي ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائي ويئي جيڪا هن جي والدين سان نه ملي سگهي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن کان ڀنگ به ورتو ويو پر پوءِ به بازيابن نه ٿي سگهي فضيلا سرڪي وارثن خاص ڪري هن جي والده سڪينا سنڌ جي وڏن وزيرن جي گاڏين کي روڪي هنن آڏو احتجاج ڪيو احتجاج ڪرڻ تي علائقي جي بااثر ماڻهن فضيلا سرڪي جي وارثن کي ڌمڪايو ۽ ان جي زمين غير آباد ڪرائي ڇڏي هن جي دوڪان کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو.