
ممبئي( شوبز نيوز ) بالي ووڊ توڙي هالي ووڊ اڪارا پريانڪا چوپڙا ۽آمريڪي گلوڪار نڪ جونس جي شادي تقريبون اڃان جاري آهن. ممبئي جي تاج لينڊز هوٽل ۾ پريانڪا ۽ نڪ جونس جي شادي جي آخري آجياڻي واري تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ بالي ووڊ ستارن سميت مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ڪاجول، روينا ٽنڊن، سلمان خان، اي آر رحمان، ريکا، سارا علي خان، وديا بالن، عائشا تاڪيا، آشا ڀوسلي، انوشڪا شرما ۽ ٻين ستارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته پريانڪا پنهنجي مشهور گيت ”ديسي گرل“ پنهنجي جيون ساٿي نڪ جونس سان گڏ رقص پڻ ڪيو. تقريب ۾ نئين شادي شده جوڙي دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه هڪ جهڙا لباس پهريي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ سڀني جي توجهه جو مرڪز بڻيل رهيا.