پنگريو(ن پ ا)قديمي ماڳ ٻنگار جي بزرگ عورت مائي ڀنڀي جي عرس مبارڪ جي موقعي تي اڄ کان ڪراچي جي جت برادري جي تمام وڏي تعداد پھچڻ شروع ٿي وئي آھي. . هي ميلو سنڌ جو واحد ميلو آھي جيڪو ھڪ درويش عورت جي درگاھ تي لڳايو وڃي ٿو. ھن ميلي جي شروعات اڱارو 25 ڊسمبر تي درويش مائي جيجان عرف ڀنڀي جتڻ جي مزار تي چادر چاڙهي ڪئي ويندي. چادر جي رسم ميلي ڪميٽي جا ميمبر ڪندا ۽ بعد ۾ درود و صلوات جي رسم پڻ ادا ڪئي ويندي جنهن بعد لنگر ورهايو ويندو. ھن ميلي جو انتظام جت برادري جا اڳواڻ سنڀالين ٿا جڏھن ته سنڌ حڪومت توڙي ضلع انتظاميا ڪوبه تعاون نٿي ڪري جنھن ڪري ڪراچي کان ايندڙ ٻچيڙيوال زائرين سخت پريشاني کي منھن ڏئي رھيا آھن ميلي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ آھي ۽ پنگريو کان درگاھ تائين روڊ پڻ تباھ حال آھي ٻئي پاسي ميلا ڪميٽي جي اڳواڻن عبدلغفار جت عبدلرزاق جت عبدلڪريم جت ۽ ٻين حڪومت سنڌ کان مطالبو ڪيو ۾ ايندڙ زائرين کي سھوليتون ڏنيون وڃن.