
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد مان 5 ڏينهن اڳ قتل ٿيل پيرسن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جڏهن ته پوليس ماءُ پٽ کي گرفتار ڪري ورتو. ٽنڊو يوسف پوليس موجب، پيرسن بندو عرف سوکا قتل ڪيس ۾ نئون رخ آيو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته گجراتي پاڙي مان عورت نور النساءَ ۽ سندس پٽ فيصل عرف سني کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول جا سندس امڙ سان غلط لاڳاپا هئا، جنهن تي دوستن سان گڏجي بندو عرف سوکو کي قتل ڪري سندس لاش ٻوري ۾ بند ڪري ڦٽو ڪيو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پيرسن بندو عرف سوکا پينو فقير هو، جوابدارن کيس قتل ڪرڻ کانپوءِ سندس کيسي مان پئسا ڪڍيا ويا. پوليس ٽئين جوابدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي، پر سندس گرفتاري ظاهر نه ڪري رهي آهي.