fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

پ پ حڪومت ڪرپشن کان سواءِ ڪجھه ناهي ڏنو: پير ياسر شاهه

ڄام نوازعلي (رپورٽ: امدادعلي بلوچ) پير پاڳاري جي پٽ پير ياسر علي شاه اڳوڻي وفاقي وزير۽ ڄام خاندان جي سربراه مرحوم ڄام معشوق علي جي وفات تي ڄام ذوالفقار علي خان سان تعزيت ڪئي آهي. ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت کي ڪرپشن کان سواء ڪجه به ناهي ڏنو هاڻ پ پ جو گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي. ميڊيا سان مختصر ڳالهائيندي پير ياسر چيو ته پ پ حڪومت ڏهن سالن ۾ سنڌ جي عوام کي لٽيو سنڌ جي صورت حال انتهائي خراب اهي سنڌ ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ٿر ۾ بي رحم موت اسپتالن جي حالت ڪنهن کان لڪيل ناهي اليڪيشن ۾ هڪ ڊيل تحت سنڌ حوالي ڪئي پ پ جو هاڻ گهيرو تنگ ٿي چڪو آهي هن چيو ته سنڌ ۾ پ پ قيادت جيڪا جلسا ڪري رهي آهي ان مان سنڌ جي عوام چڱي ريت وافق آهي مني لانڊرنگ ۽ اومني گروپ ڪندڙن جلد ڪوڙڪي ۾ فاسڻ وارا آهن ان موقعي تي ڄام نور علي خان پڻ موجود هو.

Bookmark the permalink.