fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ٿر ۾ خوراڪ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 3 ٻار فوت

سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ ٽي معصوم ٻار موت جو شڪار ٿي ويا

فوتي ٻارن جو انگ 50 ٿي ويو، امداد قدم کڻون پيا: ڊي سي ٿرپارڪر

مٺي ( ن پ ا)سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ مختلف بيمارين وگهي وڌيڪ ٽي ٻارڙا موت جو شڪار ٿي ويا آھن. جنهن کان پوءُ هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 50 ٿي ويو ۽ هلندڙ سال ٻارن جي فوتگين جو انگ 620 تي پهچي ويو آهي. تازو فوت ٿيل 3 ٻارڙن ۾ 18 مهينن جو ڀيرجي، 17 مهينن جو مدن ۽ چار سالن جو سلمان ساهڙ شامل آھن. اسپتال ۾ وڌيڪ ٻ 40 ٻارڙن کي ميل نيوٽريشن ۽ نرسري وارڊن ۾ داخل ڪيو ويو آھي جنهن کان پوءُ اسپتال داخل ٻارن جو انگ 60 ٻڌايو وڃي ٿو، ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر آصف جميل شيخ چيو آهي ته ٿر جي ڏڪار متاثرين جي مدد لاءِ امدادي سرگرميون روزانه جي بنياد تي صاف ۽ شفاف طريقي سان جاري آهن. اهڙو اظهار هن ضلعي ۾ هلندڙ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي رپورٽ بابت جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سمورن تعلقه اسپتالن ۾ 136 پنجن سالن کان ننڍن ۽ وڏن ٻار جي علاج ڪرائڻ لاءِ او پي ڊي ٿي جنهن مان 28 ٻارڙن کي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو جڏهن ته 22 ٻارڙن کي بهتر علاج جون سهولتون فراهم ڪري صحت ياب بڻائي ڊسچارج ڪيو ويو. اهڙي ريت 31 بنيادي صحت مرڪزن ۽ 18 گورنمينٽ ڊسپينسرين مان 765 ٻارڙن جو علاج ڪيو ويو. اهڙي طريقي سان لائيو اسٽاڪ کاتي ٿرپارڪر پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر لائيو اسٽاڪ جي سربراهي ۾ روزانه جي بنياد تي 07 ڳوٺن ۾ وٽنري ڪئمپن ذريعي جانورن جي ويڪسينيشن ۽ بيمار جانورن جو علاج ڪيو پيو وڃي . اهڙي ريت آبادي جي ڀلائي واري کاتي ٿرپارڪر پاران ضلعي ۾ ڪئمپس لڳائي خانداني منصوبه بندي جي اهميت ۽ طريقي ڪار متعلق آگاهي فراهم ڪرڻ لاءِ 137 عورتن کي خانداني منصوبه بندي جا آگاهي پروگرام سان گڏوگڏ مختلف پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر پنهنجي رپورٽ ۾ ڄاڻائيندي چيو ته ٿر جي ڏڪار متاثرين ۾ مفت ڪڻڪ ورهاست وارو ڪم پڻ روزانه جي بنياد تي صاف ۽ شفاف نموني سان هلندڙ آهي، جنهن ۾ پهرين مرحلي تحت ٿر جي 2 لک 46 هزار 411 ڏڪار متاثر خاندانن ۾ 50 ڪلو جي حساب سان مفت ڪڻڪ ورهائي وئي آهي جڏهن ته ٻئين مرحلي تحت هن وقت تائين 2 لک 38 هزار 816 خاندانن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائي چڪا آهيون.

Bookmark the permalink.