fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڄامشوري ضلعي جي ڪوهستان ۾ ڏڪار سبب حالتون خراب، هزارين ماڻهو لڏي ويا، 40 سيڪڙو مال مري ويو

ڄامشورو: برساتون نه پوڻ جي ڪري ڏڪار سٽيل ڏيھ ڪوهستان واسين جي سرڪار ڪابه پرگهور نه لڌي آهي. علائقي جي هڪ لک 45 هزار جي آبادي مان هزارين ماڻهو لڏي ويا آهن. ڪوهستان جا 40 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن پر انتظاميه صرف 10 هزار ماڻھن کي پنجاھ ڪلو ڪڻڪ ڏئي وڌيڪ امداد بند ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته چوپائي مال جو چارو اڻ لڀ ٿي ويو آهي ۽ اندازي موجب ڪوهستان واسين جو 40 سيڪڙو چوپايو مال بک سبب مري چڪو آهي. تعلقي ٿاڻي بولاخان جون 28 ديهون رني ڪوٽ، ديھ ڀال، ديھ ڪوه تراش، ديھ پوکڻ، ديھ مول، ديھ عارب خان، ديھ باني، ٻٻر بند، اٺ پلاڻ، ٽڪو ٻاڙائي، تونگ، ٻيلي ٺپ، کئيجي، ٻٽاڙو ڪرچات، ديھ ڌماچ ۽ ٻين ديهن سميت مختلف علائقن جا ڏڪار سٽيل ڪوهستاني ڏڪار سبب سخت متاثر آهن. سوين خاندان لڏپلاڻ ڪري دريائي علائقن ۾ رهائش اختيار ڪئي آهي. جڏهن ته ديھ ٻيلي ٺٺ، ديھ ٽڪو بارائڻ مان گبول، باريجا، ڇٽا، سهتا ۽ ٻين برادرين سان تعلق رکندڙ ڪوهستان واسي بلوچستان جي تعلقي دريجي، لسٻيلي ۽ ڪراچي ڏانهن لڏپلاڻ ڪري هليا ويا آهن. ڪوهستان ۾ سخت ڏڪار بعد سنڌ سرڪار جي هدايتن تي ضلعي انتظاميه ڄامشورو پاران ڪوهستان جي متاثر علائقن جي سروي جو ڪم ڪوهستان جي 7 يونين ڪائونسلن ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ يوسي تونگ، يوسي موندر خان، يوسي مول، يوسي عارب خان، يوسي سري، يوسي ڌماچ ۽ يوسي احمد خان شامل آهن، سروي مطابق متاثر قرار ڏنل 75 هزار ماڻھن واري رپورٽ به رد ڪري ضلع انتظاميه نادرا جي رپورٽ جي آڌار 10هزار ماڻھن کي متاثر قرار ڏنو. جنهن کانپوءِ ڪوٽڙي جي ڪڻڪ گودام مان 10 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون گهرائيون ويون. هيل تائين 9 هزار 8 سو 80 ماڻهن کي ڪڻڪ جا پنجاھ ڪلو وارا ڪٽا ڏنا ويا آهن، باقي 120ڪڻڪ جا ڪٽا ٿاڻي بولاخان جي گودام ۾ پيل آھن. ڪوهستان جي تعلقي ٿاڻي بولاخان کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ باوجود انتظاميه متاثر علائقن ۾ هيلٿ موبائل سروس شروع نه ڪئي ۽ نه وري غذائي کوٽ جي شڪار ٻارن کي ڪا طبي امداد ڏني وئي. نه ئي وري ڳورهارين عورتن لاء ڪوهستان ۾ ڪو ويم گهر جڙي سگهيو. بيسڪ هيلٿ سينٽر تونگ، هيلٿ ڊسپينسري ريڪ، هيلٿ ڊيسپينسري مول سميت ڪوهستاني علائقي ٽڪوبارڻ جي هيلٿ سينٽرن ۾ عورتن لاء ليڊي ڊاڪٽرياڻي ۽ ايل ايچ وي به مقرر ناهي ٿي سگهي. جنهن ڪري ڪوهستان جون عورتون ڊليوري دوران مختلف تڪليفن کي منھن ڏئي رهيون آھن. ڪوهستان جي ديھ ٻيلي ٺپ ، ديھ ڀال ، ديھ پوکڻ جي جر جو پاڻي سڪي ويو آھي، جڏهن ته ديھ ٻيلي ۾ جر جو پاڻي کارو هئڻ ڪري پيئڻ جي لائق ناهي جنهن سبب ديھ ٻيلي ٺپ مان 70 سيڪڙو رهواسي لڏپلاڻ ڪري ويا آھن، جڏهن ته ڪوهستان جي جبلن، ويرو جبل، ڪانڀو جبل، کيرٿر جبل، سجاتي جبل، سورجهاڻ جبل، دنبار جبل ۽ ٻين بٺين مان مال جو چارو مڪمل ختم ٿي ويو آھي جنهن جو وڏو سبب 10 سالن کان برسات نه پوڻ آهي.گاھ ختم ٿيڻ ڪري ڪوهستانين جو مال بکن سبب ڏٻرو ٿي ويو آھي گاھ جي کوٽ سبب مالوند ماڻهو چوپايو مال، ٻڪريون، رڍون ۽ ڳئون پاڻ سان گڏڪاهي ويا آهن.

Bookmark the permalink.