حيدرآباد(دلچسپ نيوز) جمعو 28 ڊسمبر 2018ع: آئس ڪريم جي ديوانن لاءِ خوشخبري آهي ته نيويارڪ ۾ سڀ کان مهانگي آئس ڪريم تيار ڪئي وئي آهي جنهن جي تياري ۾ سون جا ذرا ۽ ورق استعمال ڪيا ويا آهن. ان آئس ڪريم جي نه صرف تياري ۾ سون شامل آهي پر ان جي شان وڌائڻ لاءِ ان کي مهمانن آڏو پيش به سون جو پاڻي چاڙهي خوبصورت پليٽ ۾ ئي ڪيو ويندو آهي. ان سڀ کان مهانگي دعوت جو مزو وٺڻ جي قيمت هڪ هزار ڊالر آهي جنهن جي سجاوٽ دوران سون جي ورق سان ٺهيل خوبصورت گک به ان تي لڳايو ويندو آهي جنهن سان ان جي دلڪشي ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي ويندي آهي.