بيجنگ (ٽيڪ نيوز) چين ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال روڊ تي به ٿيڻ لڳو، انٽرنيٽ سان ليس جديد نظام خودڪار طرقي سان ٽريفڪ تي ضابطو آڻڻ سميت ٻيون خاصيتون رکندڙ وارو منصوبو 2022 تائين مڪمل ڪيو ويندو. چين ۾ جديد ٽيڪنالاجي سان ليس روڊ ٺاهڻ جي تياري ڪئي پئي وڃي، لين تبديلي لاءِ هاءِ وي تي ڊرائيونگ سنيسرز لڳايا ويندا. روڊن تي حادثن کان بچڻ لاءِ به نظام ٺاهيو ويندو. انٽرنيٽ سان ليس نظام ۾ ٽريفڪ تي ضابطو آڻڻ جي صلاحيت هوندي، انٽيليجنٽ ايڪسپريس وي منصوبو 2022 تائين مڪمل ٿيندو.