بيجنگ (ٽيڪ نيوز) چين لڳاتار 35 ڪلاڪ اڏامندڙ جديد بمبار ڊرون تيار ڪري ورتو آهي، جيڪو 23 هزار فٽن جي اونچائي تي دشمن تي نطر رکڻ ۽ هدف کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جديد ڊرون جي پهرين اڏام واري وڊيو جاري ڪري ڇڏي آهي، بمبار ڊرون جو نالو اڃا تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي، پر ان جي کوٽن ۽ صلاحيتن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن. ونگ لونگ آءِ ڊي ساک جو هي نئون ڊرون 10 مختلف قسمن جا هٿيار کڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ ري-فيولنگ بنا 35 ڪلاڪ لڳاتار اڏام ڪري سگهي ٿو. نئين ڊرون جهاز پنهنجي اونچي اڏام سبب به ٻين کان وڌيڪ اهميت حاصل ڪئي آهي، جديد ڊرون 7 هزار ميٽر اونچي يعني 23 هزار فٽ جي اونچائي تائين اڏام ڪري سگهي ٿو.