fbpx
تازا ترين
  • *اصغر خان ڪيس وارو معاملو 25 سال پُراڻو آهي، پئسا اڪائونٽس ۾ جمع ٿيڻ بابت پڻ رڪارڊ ناهي مليو: ايف آءِ اي*
  • *ايترا ثبوت نه آهن جو اصغر خان ڪيس تي فوجداري ڪارروائي ٿي سگهي، شاهدن جا بيان به تڪراري آهن: ايف آءِ اي*
  • *ايف آءِ اي اصغر خان عملدرآمد ڪيس جو فائيل بند ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، سُپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع*
  • *ٽنڊو الهيار: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو شاهنواز ابڙو قتل*
  • *پيپلزپارٽي ڪهڙي ميدان تي جنگ وڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي، اسان ڌمڪين کان نه ڊڄنداسين: گورنر عمران اسماعيل*
  • *“مهرن جي دعوت” آصف زرداري کانپوءِ گورنر عمران ۽ متحده اڳواڻن جي خانڳڙهه ياترا*
  • *حيدرآباد: راجپوتانه اسپتال سامهون تيز رفتار ڪار ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، ٻن عورتن سوڌو 3 زخمي*
  • *پنوعاقل: ڳوٺ اڌ لک ۾ چور صلاح الدين بروھي جي سرن جي بٺي تي بيٺل موٽر سائيڪل چوري ڪري فرار ٿي ويا*

ڇهن سالن کان ڪم ڪريون پيا پڪو ناهي ڪيو ويو: پورهيت

ڪوٽڙي: سائيٽ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ عورت پورھيت مختيار چهواڻ، آزاد قادر پنهور ، وفا بلوچ، شوڪت خاصخيلي ، ممتاز علي ۽ ٻين ٻڌايو ته گذريل 6 سالن کان ھڪ ڪاٽن جي ڪارخاني ۾ ٺيڪيداري نظام ھيٺ ڪم ڪريون ٿا 8 کان 10 ڪلاڪ روزانو پورھيو ڪرڻ جي موٽ ۾ 500 روپيه ڏھاڙي ادا ڪئي وڃي ٿي. ھنن موجب ٺيڪيداري نظام تحت ٺيڪيدار ھر ھفتي پئسن جي ادائيگي ڪري ٿو جيڪڏھن بيماري سبب ھو موڪل ڪندا آھيون ته ڏھاڙي ڪٽي ويندي آھي ھنن جو چوڻ ھو ته ٺيڪيدار جڏھن به چاھي ڪم کان جواب ڏئي ڇڏي ٿو باقي سالانه بونس پڪو ٿيڻ علاج وغيره ڪرائڻ سميت ڪا به سھولت مھيسر نه آھي جيڪڏھن ڪو به پورھيت بيمار ٿي پوندو آھي ته ھو پنھنجي خرچ تي علاج ڪرائيندو آھي. مل جو ڪارڊ وغيره به نه ڏنو ويندو آھي.

Bookmark the permalink.